Mr. Amanullah Mako donated 10 Quranic translations to the Library of Aror University of Art, Architecture, Design and Heritage Sukkur.
الفرقان ريسرچ انسٽيٽيوٽ اينڊ ميوزيم سکر فقير امان الله ماڪو صاحب پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي 2007 ء ۾ ادارو قائم ڪيو. جنهن ۾ هن دنيا جي مختلف 59 ٻولين ۾ قرآن پاڪ جا نسخا وڏي محنت سان گڏ ڪيا آهن. ان سان گڏوگڏ بريل قرآني نسخو، جيڪو نابينا ماڻهو هٿ رکي پڙهي سگھن ٿا، پڻ اتي رکيل آهي. قرآن شريف سان گڏوگڏ ٻيا به ڪافي اسلامي ۽ ادبي ڪتاب موجود آهن. شاهـ عبدالطيف سائين جو گنج جو رسالو پڻ موجود آهي. اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين جا شاگرد، استاد، عالم اديب ۽ سڄاڻ شخصيتون ھي ادارو چاھ مان گھمڻ اينديون آھن.